سنڌ ۾ غضب جي گرمي ۾ حياتيون کسيندڙ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، سکر، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي ۾ گرمي لڳڻ سبب فوت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا،

Sukkur-Heat-210516

سنڌ ۾ غضب جي گرمي ۾ حياتيون کسيندڙ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، سکر، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي ۾ گرمي لڳڻ سبب فوت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، مختلف شهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو گرميءَ سبب بي حال ٿي ويا.

سکر ۾ نيب ڪورٽ جو ملازم غياث حسين گرمي سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

گهوٽڪي ويجهو جهانپور شريف ۾ هوٽل تي ڪم دوران پورهيت مصري مهر گرمي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

لاڙڪاڻَي ويجهو ڳوٺ الله بخش ڪلهوڙو ۾ 50 ورهين جو شهزادو ڪلهوڙو گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن چانڊڪا اسپتال ۾ دم ڏنو.

ٺل ۽ ٻين شهرن ۾ شديد گرمي ۽ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار سبب ڪيترائي ماڻهو بي حال ٿي ويا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*