اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح ۾ 25 بيسس پوائنٽس جي لاٿ ڪئي آهي

State-Bank-Pakistan-210516

اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي جو اعلان  ڪندي  وياج جي شرح ۾ 25 بيسس پوائنٽس جي لاٿ  ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 6سيڪڙو مان گهٽجي 5 ڏهائي 75 ٿي وئي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر نئين مانيٽري پالسي جو اعلان ڪندي چيو ته وياج جي شرح ۾ 25 بيسز پوائنٽس جي لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 5ڏهائي 75 سيڪڙو مقرر ڪئي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر موجب معاشي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*