ڪراچي ۾ دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽريفڪ پوليس کي نشانو بڻايو آهي، عائشه منزل ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ٽريفڪ پوليس جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا

Karachi-Traffic-police-210516

ڪراچي  ۾ دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽريفڪ پوليس کي نشانو بڻايو آهي، عائشه منزل ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ٽريفڪ پوليس جا  2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

پوليس موجب عائشه منزل ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ ٽريفڪ پوليس جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن جي شڪيل ۽ ڪامران جي نالن سان سڃاڻپ ٿي آهي.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٻنهي اهلڪارن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته  پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*