اسلام آباد جي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

ghazi-rasheed-case-210516

اسلام آباد جي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج عبدالقادر ميمڻ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت داخل درخواست تي 14 مئي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

فريادي جي وڪيل طارق اسد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته عدالت پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا پر جوابدار پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي ۽ هاڻي جوابدار کي اشتهاري قرار ڏيڻ ۾ ڪا به قانوني رنڊڪ ناهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي هئي ته پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي سندس ضمانت ضبط ڪئي وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت به ججز نظربندي ڪيس ۾ پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*