ملڪي معيشت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت به ڪئي وڃي،ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار

ishaq-dar-210516

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪي معيشت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت به ڪئي وڃي، ٽن سالن ۾ معاشي ميدان ۾ نمايان بهتري آئي آهي، تنقيد ڪرڻ آسان ڪم آهي پر حقيقت کي به تسليم ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ پري بجيٽ سيمينار کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته 2013ع دوران ۾ معاشي بدحالي، توانائي بحران ۽ دهشتگردي جهڙا اهم چئلينج هئا، ٽن سالن ۾ نمايان بهتري آئي آهي.

هن چيو ته ڪنهن به شعبي ۾ سڌارا آڻڻ ڪو آسان ڪم نه هوندو آهي، ٽَي سال اڳ عالمي ادارن پاڪستان ۾ڪاروبار ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو، مالياتي خساري تي ضابطي آڻڻ لاءِ وڏا چئلينج هئا.

اسحاق ڊار چيو ته ٽيڪس جي دائري ۾ واڌ لاءِ اهم قدم کنيا ويا، 34 ادارن مان صوابديدي اختيارن جو خاتمو آندو، هاڻي ٻاهريان صنعتڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن.

اسحاق ڊآر چيو ته ڪنهن به تنقيد ڪرڻ آسان هوندو آهي پر حقيقت به تسليم ڪرڻ گهرجي، سڀني کي گڏجي ملڪ ۾ معاشي سڌارن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته 2018ع تائين قومي نظام ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي شامل ٿي ويندي، جنهن بعد بجلي توانائي بحران ختم ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*