ڪراچي ۾ دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽريفڪ پوليس کي نشانو بڻايو آهي، عائشه منزل ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ٽريفڪ پوليس جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن،وڏي وزير واقعي جو نوٽيس

qaim ali shah

ڪراچي  ۾ دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽريفڪ پوليس کي نشانو بڻايو آهي، عائشه منزل ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ٽريفڪ پوليس جا  2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن،وڏي وزير واقعي جو نوٽيس آءِ جي سنڌ کي جوابدارن کي فوري  طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي اولهه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پوليس موجب عائشه منزل ويجهو هيلمٽ پهريل ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ ٽريفڪ پوليس جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن جي شڪيل ۽ ڪامران جي نالن سان سڃاڻپ ٿي آهي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ٻنهي اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪيٽ پهريل هيون ۽ سندن موت مٿي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٿيو آهي.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٻنهي اهلڪارن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته  پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي جوابدارن کي فوري  طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه،  ڊي آءِ جي اولهه فيروز شاهه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*