ٺل ڀرسان اغوا ٿيل فضيلا سرڪي هئڻ جي شڪ هيٺ پوليس پاران شازيا تيغاڻي کي تحويل ۾ وٺڻ واري مامري نئين رخ اختيار ڪري ورتو

shazia-Tagwani-210516

ٺل ڀرسان اغوا ٿيل فضيلا سرڪي هئڻ جي شڪ هيٺ پوليس پاران شازيا تيغاڻي کي تحويل ۾ وٺڻ واري مامري نئين رخ اختيار ڪري ورتو، ذريعن موجب شازيا تيغاڻي ۽ فضيلا جي والدين جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيل سيمپل پاڻ ۾ ميچ نه ٿيا ۽ شازيه جي اصل وارثن جي سامهون اچڻ بعد فضيلا جي وارثن جون اميدون دم ٽوڙي ويون.

ڳڙهي حسن مان 9 سال اڳ عبدالرزاق سرڪي ۽ سڪينا سرڪي جي اغوا ٿي ويل ڌيءَ فضيلا سرڪي جي بازيابي عمل ۾ اچڻ واريون اميدون دم ٽوڙڻ لڳيون آهن.

ذريعن موجب شڪارپور پوليس پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ڪارروائي دوران فضيلا سرڪي هئڻ جي شڪ هيٺ تحويل ۾ ورتل شازيه تيغاڻي نالي ناري ۽ فضيلا جي وارثن جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيل سيمپل پاڻ ۾ ميچ نه ڪري سگهيا، جڏهن ته شازيه تيغاڻي جي اصل وارثن جو بيان به سامهون آيو آهي.

نورالدين بروهي ۽ زرينا بروهي جي دعويٰ آهي ته پوليس تحويل ۾ فضيلا سرڪي نه پر سندن ڌيءَ شازيه آهي، جيڪا هــُنن ڪجهه وقت اڳ تيغو خان تيغاڻي کي پرڻائي ڏني هئي.

ٻئي طرف ٺل ۾ فضيلا سرڪي جي والدين عبدالرزاق سرڪي ۽  سڪينا سرڪي سميت سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير معاملي جو نوٽيس ورتو پر ان باوجود پوليس فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فضيلا سرڪي کي فوري طور بازياب ڪرائي وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*