ڄامشوري ڀرسان هٿياربندن پراڻي دشمني تان هوٽل تي ڪاهه ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

jamshoro-210516

ڄامشوري ڀرسان هٿياربندن پراڻي دشمني تان هوٽل تي ڪاهه ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف مڇريل ماڻهن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي هڪ موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

علي آباد ۾ هٿيار بندن هوٽل تي حملو ڪري نوجوان افتخار لاشاري کي  گوليون هڻي زخمي ڪيو، جنهن کي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

واقعي خلاف مقتول جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان دوران مڇريل ماڻهن هڪ موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر جوابدارن ڪاهه ڪري بيگناهه نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*