گولاڙچي ويجهو زمين جي تڪرار تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

golarchi map

گولاڙچي ويجهو زمين جي تڪرار تان  ملاح  برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

کور واهه ويجهو ڳوٺ کاريون ۾ زميني تڪرار تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن  دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان مجيد ملاح موقعي تي ئي مارجي ويو.

                 جهيڙي  سبب گوليون لڳڻ  ڪري حاجي ملاح،عارب ملاح ۽ دودو ملاح سخت زخمي ٿي پيا، مارجي ويل نوجوان جو لاش ۽  زخمين کي  گولاڙجي اسپتال منتقل ڪيا ويا ، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

           مارجي ويل نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته جهيڙي سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي ……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*