بلوچستان جي پنجگور واري علائقي ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا

ziarat-Balochistan-Bus-5-8

بلوچستان جي پنجگور واري علائقي ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

پنجگور کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس ناگ واري علائقي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.

پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*