بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ هڪ ڪار کي پراسرار نموني باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا

nushki map

بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ هڪ ڪار کي پراسرار نموني باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، ڊي سي چاغي موجب سڙي ويلن جي سڃاڻپ ڊرائيور محمد اعظم ۽ ٻئي جي هٿ آيل پاسپورٽ وسيلي ولي محمد طور ڪئي وئي، ڊرائيور جي وارثن جو چوڻ آهي ته محمد اعظم گذريل ڏينهن تفتان کان ڪوئيٽا طرف هڪ مسافر کي کڻي وڃي رهيو هو ته ڪار تي ٻه کان ٽَي فائر ڪيا ويا، جن مان هڪ ڪار کي لڳو.

گذريل ڏينهن تفتان کان ڪوئيٽا طرف ويندڙ هڪ ڪار کي نوشڪي ويجهو قومي شاهراهه تي پراسرار نموني باهه لڳي وئي.

باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار اندر سوار 2 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جن جا لاش نوشڪي کانپوءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيا ويا.

ڊي سي چاغي موجب سڙي ويلن مان هڪ جي ڊرائيور محمد اعظم ۽ ٻئي جي هڪ آيل پاسپورٽ ذريعي ولي محمد طور سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.

ڪوئيٽا ۾ ڊرائيور جو لاش وصول ڪرڻ دوران سندس سئوٽ عبدالسلام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محمد اعظم تفتان کان ڪوئيٽا جي روٽ تي ڪار هلائيندو آهي.

هن چيو ته گذريل ڏينهن تفتان کان ڪوئيٽا طرف هڪ مسافر کي کڻي وڃي رهيو هو ته نوشڪي ويجهو نشانو بڻائي 2 کان 3 فائر ڪيا ويا، جن مان هڪ ڪار کي لڳڻ کانپوءِ باهه لڳي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*