شهيد بينظير ڀٽو جي 7هين ورسي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسو جاري مزار جي احاطي مان ٻه شڪي نوجوان سوگها

شهيد بينظير ڀٽو جي 7هين ورسي تي ڳڙهي خدابخش ۾ جلسو جاري آهي، جنهن کي آصف زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جڏهن ته مزار جي احاطي مان ٻن شڪي نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آيل آصف زرداري، بختاور ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ نئون ديرو هائوس تي موجود آهن، جيڪي ڪجهه دير اندر جلسي واري هنڌ پهچندا.

 سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آزاد ڪشمير جي صدر سردار يعقوب ۽  گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير مهدي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري آهي.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ نه پهتا آهن.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن دوران ڳڙهي خدابخش ۾ مزار جي احاطي مان ٻن شڪي نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان هڪ نوجوان جي بيگ مان مختلف قسم جا اسپري هٿ آيا آهن.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي ڳڙهي خدابخش ۽ نئون ديرو ۾ قرآن خواني ڪئي وئي.

ورسي تقريبن لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪندي 7هزار کان وڌيڪ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ جيالن لاءِ  استقبالي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، ڪارڪن ڳڙهي خدابخش پهچي عظيم اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ۾ مزار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي پارٽي جهنڊن ۽ بينرز سان سينگاريو ويو آهي.

مزار ۽ جلسي واري هنڌ تي 12 واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ مزار جي احاطي ۽ جلسي واري هنڌ جي تلاشي ورتي آهي.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي سنڌ ۾ عام موڪل آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ به موڪل ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*