هاڻي ڪير به اثر رسوخ استعمال ڪري قرض معاف نه ڪرائي سگهندو:اسحاق ڊار

ashaq-dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هاڻي ڪير به اثر رسوخ استعمال ڪري قرض معاف نه ڪرائي سگهندو، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا رڪارڊ سطح تي پهچي ويا آهن، خيراتي ادارن جو نقصان گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

اسلام آباد ۾ سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ايس اِي سي پي جو قانون وڌيڪ سخت ڪيو وڃي، فراڊ ڪندڙ ڪنهن به شخص خلاف ادارو ڪارروائي ڪندو.

هن چيو ته خيراتي ادارن جو نقصان گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت معاشي ادارن ۾ سڌارن لاءِ مختلف بل پاس ڪيا آهن پر وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي.

اسحاق ڊار چيو ته خيراتي ادارن جو نقصان گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هاڻي عالمي مالياتي ادارا به معاشي بهتري جو اعتراف ڪن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*