امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري وزيراعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون

nawaz-jan-kari

امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري وزيراعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون، جان ڪيري جو چوڻ آهي ته طالبان ڪمانڊر تي حملي بابت پاڪستان ۽ افغانستان جي قيادت اڳواٽ آگاهه هئي.

امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري وزيراعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري طالبان سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري چيو آهي ته ملا اختر منصور خطي لاءِ خطرو بڻجي ويو هو، جنهن تي حملي جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان جي قيادت کي اڳواٽ ئي آگاهه ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*