وزيراعظم نوازشريف جي ڪٽنب کي احتساب لاءِ عدالتي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻو پوندو: خورشيد شاهه

khurshid shah 03-02-16

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جي ڪٽنب کي احتساب لاءِ عدالتي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻو پوندو، پارليامينٽ ۾ مسئلا حل نه ٿيا ته عوام رستن تي نڪري ايندو، عمران خان به سمورا رستا بند ٿيڻ جي صورت ۾ رستن تي اچڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاناما ليڪس ۾ الزام هيٺ آيل نوازشريف جي ڪٽنب سميت سمورن ماڻهن کي جڊيشل ڪميشن آڏو پاڻ کي ڪليئر ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ مسئلا حل نه ٿيا ته عوام رستن تي نڪري ايندو، عمران خان به سمورا رستا بند ٿيڻ جي صورت ۾ رستن تي اچڻ جي ڳالهه ڪئي.

خورشيد شاهه چيو ته جنهن وقت سموريون ڌريون نوازشريف جي خلاف ٿي ويون ته ان وقت پيپلز پارٽي سندس ساٿ ڏنو، هاڻوڪي حالتن ۾ اميد آهي ته نوازشريف ۽ سندس صلاحڪار ڪو مثبت دڳ ڳولي وٺندا.

اپوزيشن ليڊر چيو ته سياستدانن ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، لنڊن ۾ وزيراعظم نوازشريف سان آصف زرداري جي ملاقات جو ڪو امڪان ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته پنجاب ۾ ميگا پراجيڪٽس سان عوام کي فائدو ناهي.

هن چيو ته ڪوئلي مان بجلي گهر ٺاهڻ جا پنجاب تي ناڪاري اثر پوندا، ايندڙ ڪجهه سالن دوران ڄاڻايل علائقن ۾ بيماريون پکڙجنديون، هن اهو معاملو ڪيترائي ڀيرا پارليامنٽ ۾ اٿاريو پر سندس ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*