واهي پانڌي ڀرسان گورک هل اسٽيشن تان موٽندڙ گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

gorakh-hill

واهي پانڌي ڀرسان گورک هل اسٽيشن تان موٽندڙ گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل  ڪيو ويو آهي.

گورک هل اسٽيشن تان سير ڪري واپس ڪراچي ويندڙن جي گاڏي کاول لک وٽ چڙهائي تان لهندي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار گورک ملازم آصف جمالي، ڪراچي واسي وقار علي.حمز علي ۽ درشن لال زخمي جن کي دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*