لاڙڪاڻي ۾ باهه لڳڻ ڪري ايڊوڪيٽ ڪلپنا ديوي جو گهر سڙي ويو، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ باهه لڳڻ ڪري 30 رک

fire

لاڙڪاڻي ۾ باهه لڳڻ ڪري ايڊوڪيٽ ڪلپنا ديوي جو گهر سڙي ويو، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ باهه لڳڻ ڪري 30 گهر ۽ باڊهه ۾ ڦٽاڪن مان باهه لڳڻ ڪري ٽريڪٽر ۽ ٽرالي سڙي ويا.

لاڙڪاڻي جي گرلز ڪاليج ڀرسان ايڊوڪيٽ ڪلپنا ديوي جي گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪجه سامان سڙي ويو، جنهن بعد فائر برگيڊ عملي پهچي ضابطو آڻي ورتو.

ميهڙ ويجهو کبڙ گوگاڻي، ملوڪ کوسو ۽ ڳوٺ ٻرڙا ۾ باهه لڳڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 20 گهر ۽ انهن ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

ڪي اين شاهه ويجهو ڳوٺ گل ماچي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 گهر سڙي ويا.

باڊهه ويجهو ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ ڦٽاڪن مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي سڙي ويا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*