اڄ شب برات انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

hd_beautiful_shab_e_barat_w

اڄ شب برات  انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، گهرن ۽ عبادت گاهن ۾  خاص عبادتون ڪري ڌڻي در ٻاڏايو ويندو.

15 شعبان جي رات تي شب برات  جي موقعي تي گهرن ۽ مسجدن ۾ خصوصي عبادتون ڪيون وينديون آهن، جنهن لاءِ مسجدن کي روشنين کان سينگاريو ويو آهي.

سڄي رات گهرن ۽ مسجدن ۾ خصوصي عبادتن سان گڏ گناهه بخشرائڻ لاءِ ڌڻي در ٻاڏايو ويندو، ڪي ماڻهو سڀاڻي نفلي روزو به رکندا.

شب برات جي موقعي تي ماڻهو قبرستانن ۾ وڃي وڏڙن جي قبرن جي صفائي ڪرڻ سان گڏ گل چاڙهي ميڻ بتيون ٻاريندا آهن.

هن رات تي خاص طعام به تيار ڪيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به اماڻيا ويندا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*