شهباز سريف بجلي تي وفاق خلاف ڌرڻا هڻي ننڍن صوبن کي به راهه ڏيکاري آهي:مولابخش چانڊيو

mola-bux

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته شهباز سريف بجلي تي وفاق خلاف ڌرڻا هڻي ننڍن صوبن کي به راهه ڏيکاري آهي، جيڪڏهن بجليءَ جي اها ئي صورتحال رهي ته پوءِ هــُو به پنهنجي شريف وزيراعليٰ کان روڊن تي اچڻ جو مطالبو ڪندا.

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ پونم چوڪ تي لڳايل ٿڌي پاڻيءَ واري سبيل تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئَي چيو ته سنڌ بجلي سميت ڪيترن ئي مسئلن تي احتجاج ڪري رهي آهي، پر وفاق ۾ ويٺل ڪجهه وزير هڪ ڪَن کان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏين ٿا.

هن چيو ته ڪجهه وفاقي وزيرن کي جمهوريت ۽ وزيراعظم جو سڪون سٺو نٿو لڳي، سندس ڪجهه دوستن کي سنڌ سٺي نٿي لڳي، جيڪي ڄاڻي واڻي سنڌ جي مسئلن تي ڌيان نٿا ڌرين.

مولابخش چانڊئَي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف بجلي لوڊشيڊنگ تي وفاق خلاف ڌرڻا هڻي ننڍن صوبن کي به راهه ڏيکاري آهي، جيڪڏهن بجليءَ جي اها ئي صورتحال رهي ته پوءِ هــُو به پنهنجي شريف وزيراعليٰ کان روڊن تي اچڻ جو مطالبو ڪندا.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، پير پاڳاري سميت هــِي ملڪ سڀني جو آهي، سڀئي جمهوريت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

مڪاني ادارن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي چيو ته عدليا جي فيصلن سبب مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي اختيار ڏيڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*