چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پڇڙي جي آباگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي آبپاشي انجينئر جو علامتي جنازو ڪڍيو

chambar-protest

چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پڇڙي جي آباگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي آبپاشي انجينئر جو علامتي جنازو ڪڍيو.

آبادگارن مبارڪ خاصخيلي، حاجي محمد دستي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ پريس ڪلب آڏو چوٿين ڏينهن به علامتي بک ھڙتال ڪئي، ان موقعي تي آبپاشي انجنيئر جو علامتي جنازو ڪڍيو ويو.

مظاهرين چيو ته آبپاشي عملدار چاڪر شاخ جي منڍ جي بااثر آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي.

هنن چيو ته شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمين پوکائي نٿي ڪري سگهجي، جنهن ڪري آبادگار مالي  نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته چاڪر شاخ جو پاڻي وڪرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*