سينيٽ چيئرمين رضا رباني، پاناما ليڪس جي جاچ ڪميشن لاءِ قاعده ۽ ضابطه جوڙڻ واري پارليماني ڪميٽي جو حصو ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

raza-rabani

سينيٽ چيئرمين رضا رباني، پاناما ليڪس جي جاچ ڪميشن لاءِ قاعده ۽ ضابطه جوڙڻ واري پارليماني ڪميٽي جو حصو ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ڪميٽيءَ لا نالا موڪلڻ جي ذميواري سينيٽر اعتزاز احسن کي ملي وئي آهي.

ذريعن موجب، سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جي ٽرمس آف ريفرنس بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي پارلياماني ڪميٽيءَ جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، رضا رباني سينيٽ سيڪريٽريٽ کي هدايت ڪئي آهي ته ان ڏانهن پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرز جا نالا نه موڪليا وڃن.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته رضا رباني جي انڪار بعد پارلياماني ڪميٽيءَ لاءِ نالا موڪلڻ جي ذميواري سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفر الحق ۽ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن حوالي ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 12 نالا ملڻ کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.

واضح رهي ته رضا رباني پارلياماني ڪميٽيءَ جي قيام لاءِ رٿ پيش ڪرڻ وقت سينيٽ جي اجلاس مان اٿي هليو ويو هو، جنهن بعد سينيٽر جاويد عباسي رٿ جي منظوري ڏني هئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*