بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ مارجي ويل شخص ولي محمد جي سڃاڻپ ڪارڊ تي سندس عارضي ايڊريس ڪراچي جي لکيل
بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ مارجي ويل شخص ولي محمد جي سڃاڻپ ڪارڊ تي سندس عارضي ايڊريس ڪراچي جي لکيل آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ولي محمد کي 2012 ۾ فليٽ وٺرائي ڏيندڙ اسٽيٽ ايجنٽ يوسف کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب ولي محمد جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ايڊريس ڪراچي ۾ هڪ فليٽ بسم الله ٽيرس جي آهي، جنهن ۾اڄڪلهه شاهد نالي شخص ترسيل آهي.
ذريعن موجب شاهد اهو فليٽ اسٽيٽ ايجنٽ يوسف ذريعي ڪرائي تي ورتو هو، 2012 ۾ ان فليٽ ۾ ولي محمد ۽ بشير نالي 2 ڄڻا ڪرائي تي رهندا هئا.
ذريعن موجب ڳجهن ادارن گذريل رات ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري ولي محمد کي فليٽ وٺرائي ڏيندڙ اسٽيٽ ايجنٽ يوسف کي گرفتار ڪري ورتو آهي.