عالمي بينڪ ٿر کانپوءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ 20 لک ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ جي انڪشاف

thar-child-nutrition

عالمي بينڪ ٿر کانپوءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ 20 لک ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ جي انڪشاف کانپوءِ ايندڙ مهيني کان صوبي اندر نيوٽريشن پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

صحت جي عالمي اداري سنڌ سرڪار کي  ليٽر لکي نيوٽريشن پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ تعليم، صحت، مڪاني ادارن، چوپائي مال واري کاتي ۽ زراعت کاتي کان مدد طلب ڪئي آهي.

صحت جي عالمي اداري موجب ٿر جي ٻارڙن ۾ غذائيت جي کوٽ کانپوءِ صوبي جي ٻن علائقن ۾ جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ پتو پيو آهي ته 20 لک ٻارڙا غذائيت جي کوٽ جو شڪار آهن.

صحت جي عالمي اداري موجب رڳو غريب نه پر سرندي وارن جا ٻار به غذائيت جي کوٽ جو شڪار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*