اليڪشن ڪميشن، نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثا لڪائڻ بابت تحريڪ انصاف جي درخواست تي نواز ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي پهرين جون تي طلب ڪري ورتو

elecation-commiction22-8

اليڪشن ڪميشن، نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثا لڪائڻ بابت تحريڪ انصاف جي درخواست تي نواز ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي پهرين جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نوابزده صلاح الدين وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪيپٽن صفدر 2013 جي چونڊن دوران نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي گهرواري مريم نواز جا اثاثا ظاهر نه ڪيا.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪيپٽن صفدر جي گهرواري مريم نواز جا پرڏيهه ۾ اثاثا آهن، نامزدگي ڪاغذن ۾ انهن جو به ذڪر ناهي ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن اهڙي درخواست تي ڪيپٽن صفدر کي پهرين جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري وضاحت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*