سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو

Qaim-Ali-Shah-18-8

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪندي چيو آهي ته هو ڪراچي شهر لاءِ جلد وڏي پئڪيج جو اعلان ڪرڻ وارا آهن ۽ هو بجلي بحران تي ڪي اليڪٽرڪ اختيارين سان جلد ملاقات ڪندو.

وڏي وزير ڪراچي جي ٻه تلوار واري علائقي ۾ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل هيٽ اسٽروڪ سينٽر تي ٿڌو پاڻي نه هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير برنس روڊ، شاهين ڪامپليڪس، گلستان جوهر، عباسي شهيد اسپتال ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو.

شهر جي دوري دوران وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو ڪراچي شهر لاءِ جلد وڏي پئڪيج جو اعلان ڪرڻ وارا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي جي نالن جي صفائي جو ڪم به جلد شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*