تنگواڻي ۾ پوليس پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتل عورت جي بازيابي لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري رهواسين کي مبينا تشدد جو بشانو بڻايو

tangwAni-police

تنگواڻي ۾ پوليس پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتل عورت جي بازيابي لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري رهواسين کي مبينا تشدد جو بشانو بڻايو، واقعي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مبينا طور پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتل شادي شده عورت مهرناز ڏاهاڻي جي بازيابي لاءِ پوليس ڳوٺ پيارو، خان باجڪاڻي، لال محمد باجڪاڻي تي چڙهائي ڪري مبينا طور عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو.

واقعي خلاف عورتن مسمات فاطمه خاتون، ميرزادي خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرو ڪندڙ عورتن جوچوڻ هو ته پوليس بااثرن جي چرچ تي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري کين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران هڪ عورت شان خاتون جي ڄنگهه ٽٽي پئي آهي.

هنن الزام هينو ته چيو ته پوليس 8 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري وئي آهي،مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي ظلم جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*