ايريگيشن جي ملازمن پاران مرڪزي سڏ جي موٽ ۾ لاڙڪاڻو، دادو، ڪنڊيارو، ٽنڊو محمد خان ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا

irrication-protest

ايريگيشن جي ملازمن پاران مرڪزي سڏ جي موٽ ۾ لاڙڪاڻو، دادو، ڪنڊيارو، ٽنڊو محمد خان ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ ايريگيشن اسڪارپ جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

دادو ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري بشير ميمڻ ۽ احمد خان پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڪنڊيارو ۾ ايريگيشن سنڌ متحده فيڊريشن جي سڏ تي ايريگيشن ملازمن پاران مرڪزي اڳواڻ عيسيٰ سنگراسي،  مينهون خان راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ جي ٻين ٽن صوبن جي ملازمن کي پنهنجا جائز حق ڏنا وڃن ٿا پر سنڌ جي ايريگيشن ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ننڍن ملازمن کي اپ گريشن، ٽائيم اسڪيل، فوتي ۽ سن ڪوٽا ڏئي ملازمن ۾ ڦهليل بيچني ختم ڪئي وڃي.

ٽنڊو  محمد خان ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پڃاري واهه جي فال ريگيوليٽر وٽ ڌرڻو هنيو ويو.

ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال پڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملازمن جا جائز تسليم ڪيا وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*