شريف ڀائر آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿا لهن:سردار لطيف کوسا

latifkhosa-

پاڪستان پيپلزپارٽي، پاناما ليڪس جي انڪشافن بعد وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سردار لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته شريف ڀائر آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿا لهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سردار لطيف کوسا چيو ته وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، حمزه شهباز، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي.

هن چيو ته ايندڙ ٻه کان ٽن ڏينهن اندر وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين ن ليگي اڳواڻن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويندو.

سردار لطيف کوسا چيو ته پاناما ليڪس جي ذريعي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جو ڪوڙ سامهون آيو آهي، شريف ڀائر آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 62 تي پورو نٿا لهن.

لطيف کوسا اهو به چيو ته اثاثا لڪائڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کي نااهلي جي استدعا ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*