نادرا وڌيڪ هڪ ڪارنامو سرانجام ڏيندي تنگواڻي واسي 22 ورهين جي نوجوان کي 89 سالن جو پيرسن قرار ڏئي کيس تاحيات ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو

tangwani-card

نادرا وڌيڪ هڪ ڪارنامو سرانجام ڏيندي تنگواڻي واسي 22 ورهين جي نوجوان کي 89 سالن جو پيرسن قرار ڏئي کيس تاحيات ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ ڪريم بخش نندواڻي واسي نوجوان غلام مصطفى پٽ ميوو نندواڻي کي نادرا پاران جاري ڪيل ڪارڊ ۾ ڄم جو سال 1927ع ڄاڻائي ڇڏيو آهي.

نوجوان دانهيندي چيو ته نادرا عملي پاران تاحيات ڪارڊ جاري ڪري ڳوٺ به درست نه لکيو ويو آهي، جنهن جي درستگي لاءِ 10 هزار رپيا رشوت نه ڏيڻ سبب آفيسن جا چڪر ڪاٽرايا پيا وڃن.

هن نادرا عملدارن کان مطالبو ڪيو ته عملي جي زيادتين جو نوٽيس وٺي درست ڳوٺ جي نالي ۽ ڄمار سان نئون سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*