وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪري عمران فاروق قتل ڪيس ۾ سهڪار سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

chudhry-nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪري عمران فاروق قتل ڪيس ۾ سهڪار سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ برطانيه عمران فاروق قتل ڪيس جي جاچ ۾ ٻه طرفو سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو آهي.

ذريعن موجب، اسلام آباد ۾ مقرر  برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿوماس ڊريو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب ملاقات دوران ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ سهڪار وڌائڻ وارو معاملو غور هيٺ آيو.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ، سرفراز مرچنٽ پاران رڪارڊ ڪرايل بيان ۽ ٻين اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران عمران فاروق قتل ڪيس جي جاچ ۾ ٻه طرفو سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*