وڏو وزير ڪي اليڪٽرڪ آڏو بي وس آهي،رات جي وقت اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي:خواجه اظهار

khuwaja-azhar

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته وڏو وزير ڪي اليڪٽرڪ آڏو بي وس آهي ۽ اسان ڪي اليڪٽرڪ تي واضح ڪيو آهي ته رات جي وقت اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه اظهار چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته اها ڪهڙي محبت آهي جو سنڌ سرڪار ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي.

هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو پهريون شهر آهي، جيڪو 87 سيڪڙو بلز ادا ڪري ٿو ۽ اڄ هنن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه تي واضح ڪيو آهي ته رات جي وقت اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو ته ڪي اليڪٽرڪ اختيارين سان ڳالهيون خوشگوار ماحول ۾ نه ٿيون آهي ۽ ملاقات دوران سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

هن چيو ته لياري جي چونڊيل نمائندن بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو ۽ اڄ هنن احتجاج ڪندڙ حڪومتي ايم پي اي جاويد ناگوري جي به نمائندگي ڪئي آهي.

هن چيو ته پ پ جا چونڊيل نمائنده بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪن پيا ۽ سنڌ سرڪار ڪي اليڪٽرڪ اختيارين سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*