گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس بيروزگار سياستدانن جو ٽولو آهي ۽ فوج کي دعوت ڏيندڙ سياستدان سڏرائڻ جي لائق نه آهن:نثار کهڙو

Nisar-khoro-10-11

سنڌ جي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس بيروزگار سياستدانن جو ٽولو آهي ۽ فوج کي دعوت ڏيندڙ سياستدان سڏرائڻ جي لائق نه آهن.

تعليم واري وزير  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري زيادتي ڪئي پئي وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند نه ٿيو ته عوام سان گڏ احتجاج ڪنداسين.

نثار کهڙي چيو ته نوازليگ جي حڪومت اڪيلائپ جي ڪاوڙ سنڌ جي عوام تي ڪڍي رهي آهي ۽ سنڌ جي عوام کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.

تعليم واري وزير چيو ته هو پير پاڳاري لاءِ ڇا ڇوي ۽ اهو پاڻ چوندو آهي ته هو جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهي.

هن چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس بيروزگار سياستدانن جو ٽولو آهي ۽ فوج کي دعوت ڏيندڙ سياستدان سڏرائڻ جي لائق نه آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*