خيرپور ۾ اسپيشل مئجسٽريٽ پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا

khirpur-map-anti19-8

خيرپور ۾ اسپيشل مئجسٽريٽ پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا، ليبارٽين، ڪلينڪن ۽ ميڊيڪل اسٽور کي سيل ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

عوامي شڪايتن تي اسپيشل مئجسٽريٽ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 رياض وساڻ شهر ۾ ڇاپا هڻي لائسنس نه هئڻ، غير معياري دوائون وڪرو ڪرڻ ۽ صاف سٿرائي نه رکڻ جي الزام هيٺ 3 ليبارٽين، 3 ڪلينڪن ۽ هڪ ميڊيڪل اسٽور کي سيل ڪري ڇڏيو.

ان موقعي اسپيشل مئجسٽريٽ 4 جوابدارن اقبال حسين، منصور علي، انعام علي ۽ محمد رفيق کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*