بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويل ولي محمد واري معاملي نئــون رخ اختيار ڪري ورتو

wali-mohd

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويل ولي محمد واري معاملي نئــون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته ولي محمد جو لاش رفيق نالي شخص وصول ڪيو، جيڪو پاڻ کي ولي محمد جو ڀاڻيجو سڏائي رهيو هو، لاش وصول ڪندڙ غلط فون نمبر ۽ اڻپوري ايڊريس لکرائي.

ٽي ڏينهن اڳ بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ هڪ ڪار کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور اعظم ۽ ولي محمد نالي 2 ڄڻا مارجي ويا هئا.

اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد ڊرائيور محمد اعظم جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو هو، جڏهن ته اڄ رفيق نالي شخص اسپتال پهچي ولي محمد جو لاش وصول ڪيو.

اسپتال  ذريعن جو چوڻ آهي ته رفيق نالي شخص پاڻ کي ولي محمد جو ڀاڻيجو ظاهر ڪرڻ بعد فون نمبر ۽ ايڊريس لکرائي لاش وصول ڪيو، جڏهن ته فون نمبر غلط آهي.

اسپتال انتظاميا جي اهڙي موقف کانپوءِ ولي محمد جي مارجڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو.

آمريڪا دعويٰ ڪري رهي آهي ته ڊرون حملي ۾ مارجي ويل شخص طالبان سربراهه ملا اختر منصور هو، جڏهن ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ پاڪستان جو ڪيئن ٺهيو؟.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ولي محمد کي پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ سيپٽمبر 2012 ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيو، جنهن تي سندس ايڊريس قلعا عبدالله لکيل آهي، پر ڄاڻايل علائقي ۾ ولي محمد نالي شخص جو گهر موجود ئي نه آهي.

ذريعن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ جون مسلسل شڪايتون به ملنديون رهيون آهن، جن جي آڌار تي ڪيترائي آفيسر برطرف به ٿي چڪا آهن.

ولي محمد شخص ڪير آهي، ڪٿي امريڪا جي دعويٰ درست ته نه آهي، ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*