پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي ويون ته اها ملڪ جي وڏي بدقسمتي هوندي: سيد خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي ويون ته اها ملڪ جي وڏي بدقسمتي هوندي، آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم جي لنڊن ۾ ملاقات بابت پارٽيءَ اندر ڪا به مشاورت ناهي ڪئي وئي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري جو اڳوڻو دوست آهي، لنڊن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي ته پاناما ليڪس وارو معاملو به غور هيٺ ايندو.

هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي پاناما ليڪس معاملي تي پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي موقف کان هٽي ڪري ڪو به قدم نه کڻندو.

خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس جو معاملو ڪرپشن جو آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي ويون ته اها ملڪ جي بدقمستي هوندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته لنڊن ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ملاقات بابت پارٽي اندر ڪا به مشاورت ناهي ڪئي وئي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*