حڪومت جي ٽاسڪ تي لنڊن پهتل جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات

molana-asif

حڪومت جي ٽاسڪ تي لنڊن پهتل جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري کيس وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات جو مشورو  ڏنو آهي، آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پ پ جمهوريت خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجندي ۽ نه ئي شارٽ ڪٽ ذريعي اقتدار ۾ اچڻ وارن جي سازشن کي ڪامياب ٿيڻ ڏنو ويندو.

ذريعن موجب، لنڊن پهتل جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پارڪ لين واري فليٽ ۾ اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جيڪا پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهي.

ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مشورو ڏنو ته اهو وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري ۽  سمورن تڪراري معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته هـُو هر قسم جي ڪرپشن جي خلاف آهن، پاناما ليڪس جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر ڪنهن هڪ کي حدف نه بڻائڻ گهرجي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جمهوريت خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجندي ۽نه ئي انهن ماڻهن جون سازشون ڪامياب ٿيڻ ڏينداسين، جيڪي شارٽ ڪٽ جي ذريعي اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا.

ذريعن موجب، گڏجاڻيءَ دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم نوازشريف وچ ۾ ملاقات جو ڪو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر اهم اڳڀرائي ٿيڻ جا به امڪان آهن…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*