بالي ووڊ دبنگ جا مداح “سلطان” سلو ڀائي جي پهلواني ڏسڻ لاءِ آتا

salmankhansultan

بالي ووڊ دبنگ سلمان خان جي نئين فلم “سلطان” جي پهرئين ٽريلر ۾ سلو ڀائي هريانه جي پهلوان سلطان علي خان جي ڪردار ۾ اکاڙي ۾ ڪشتي وڙهندي ڏيکاريو ويو آهي ته عارفه جي ڪردار ۾ انوشڪا شرما به پهلواني جا گر ڏيکاري رهي آهي،  نه رڳو ايترو پر انوشڪا شرما فلم ۾ ڳوٺاڻي عورت جي ڪردار ۾ ڇيڻا مٽيا به ڪندي نظر ايندي. سلطان ۾ سلو ڀائي ۽ انوشڪا شرما جي اکاڙي ۾ پهلواني ڏيکارڻ کانسواءِ ٻنهي جي پريم ڪٿا به شامل آهي، سلو ڀائي جا مداح جنون جي حد تائين سندس نئين فلم جو انتظار ڪري رهيا آهن،سلطان عيدالفطر جي موقعي تي 6 جولاءِ تي رليز ٿيندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*