سيوهڻ ۾ سڀاڻي شروع ٿيندڙ لال شهباز قلندر جي 764 هين عرس جون تياريون مڪمل

sahwin sharif

سيوهڻ ۾ سڀاڻي شروع ٿيندڙ لال شهباز قلندر جي 764 هين عرس جون تياريون مڪمل آهن، جنهن لاءِ پانڌيئڙن جي آمد جاري آهي، زائرين کي گرمي کان بچائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن.

لال شهباز قلندر جي سالياني 764 هين عرس جون تقريبون سڀاڻي کان شروع ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ شرڪت لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف حصن مان پانڌيئڙا سيوهڻ پهچي رهيا آهن.

عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ 35 سئو پوليس ۽ 200 رينجرز اهلڪارن جون ڊيوٽيز لڳايون ويون آهن، جڏهن ته  400 ٽريفڪ اهلڪار مختلف روڊن جا انتظام سنڀاليندا.

درگاهه ۽ شهر جي مختلف رستن تي هر قسم جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ 64 سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون آهن.

زائرين کي گرمي کان بچائڻ لاءِ درگاهه اندر پاڻي جو ڦوهارو ڪندڙ پکا لڳايا ويا آهن ۽ حيسڪو کي بجلي جي فراهمي بنا رنڊڪ جي جاري رکڻ جو پابند بڻايو ويو آهي.

گذريل سال ميلي دوران اڙل واهه ۾ زائرين جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعن بعد وهنجڻ لاءِ  12 شاورز پڻ لڳايا ويا آهن.

درگاهه جي ڀرپاسي 100 کان وڌيڪ سبيلون لڳايون ويون آهن، جنهن ۾ هر وقت پاڻي، شربت، کير ۽ او آر ايس مليل پاڻي زائرين کي ڏنو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*