ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائيون ڪري لياري گينگ وار جي ڏوهاري سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

karachipolice24-815

ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائيون ڪري لياري گينگ وار جي ڏوهاري سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

لياقت آباد جي ايف سي ايريا ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پوليس بوٽ بيسن واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل موبائل فونز ۽ هٿيار هٿ ڪيا.

سهراب ڳوٺ ۾ پوليس هڪ گهر تي ڇاپو هڻي عبدالصمد نالي جوابدار کي گرفتار ڪري کيس لاڪپ ڪري ڇڏيو.

لياري جي جهٽ پٽ لين، گل محمد لين، ڪارو لين ۽ ڪلاڪوٽ سميت مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*