پشاور جي رنگ روڊ تي ايف سي جي گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا

Peshawar Police

پشاور جي رنگ  روڊ تي ايف سي جي گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي جوابدار جي ڳولها لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب پشاور جي علائقي رونگ روڊ تي پتنگ چوڪ وٽ فرنٽيئر ڪور جي گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار موقعي تي شهيد ٿي ويو ۽ 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنهي اهلڪارن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو.

شهيد ايف سي اهلڪارن جي سڃاڻپ عامر بچا، گل رسول ۽ گل رحمان طور ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي آپريشنز عباس مجيد مروت فائرنگ ۾ ٽنهي اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ايف سي جي گاڏي رنگ روڊ وڃي رهي هئي ته اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي.

واقعي بعد پوليس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي جوابدارن جي ڳولها لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*