ڀريا سٽي جي مدرسي ۾ نينگري سان مبينا ڏاڍائي واري اطلاع تي شهرين مدرسي جو گهيراءُ ڪري ورتو

bharia-s-city-rap-case

ڀريا سٽي جي مدرسي ۾ نينگري سان مبينا ڏاڍائي واري اطلاع تي شهرين مدرسي جو گهيراءُ ڪري ورتو، جنهن بعد پوليس الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مدرسي ۾ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻيل 10 ورهين جي نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو.

اهڙي اطلاع تي شهر ۾ هڙتال ڪري شهرين مدرسي جو گهيراءُ ڪري ورتو ۽ ڌرڻو هڻي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار مدرسي ۾ ٻارن کي پڙهائيندا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*