ڊکڻ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين ڪاروباري مرڪز بند ڪري شڪارپور – لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو

dakhan-protest

ڊکڻ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين ڪاروباري مرڪز بند ڪري شڪارپور – لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو، خانپور مهر ۽ ڪنڊيارو ۾ به لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرا ڪيا ويا.

ڊکڻ ۾ شهرين ۽ واپارين سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪري جميل احمد شيخ، اسلم لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شڪارپور – لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ روزانو  12 کان 16 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي  وڃي، جنهن ڪري عوام عذاب ڀوڳي رهيو آهي.

هنن چيو ته واڌو بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري آهي، بجلي بند هئڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جو به بحران پيدا ٿي ويو  آهي.

 احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪري رهواسين کي عذاب کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڪنڊيارو ۾ سٽي ٽو فيڊر جي بجليبند هئڻ خلاف شهرين ظفر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

خانپور مهر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين مک چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سخت گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي عوام سان انصاف ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*