باڪسنگ جي اڳوڻي عالمي هيوي ويٽ چيمپيئن مائيڪ ٽائسن چيو آهي ته کيس ديوار چين ڏسي تمام گهڻي خوشِي ٿي

boxer

باڪسنگ جي اڳوڻي عالمي هيوي ويٽ چيمپيئن مائيڪ ٽائسن چيو آهي ته کيس ديوار چين ڏسي تمام گهڻي خوشِي ٿي آهي.

اڳوڻُو اسٽار باڪسر چين جي شهر بيجنگ پهتل آهي،جتي انٽر نيشنل باڪسنگ فيڊريشن پاران ورلڊ باڪسنگ چيمپيئن شپ منعقد ٿي رهي آهي.

اڳوڻي عالمي هيوي ويٽ باڪسر چين جي دوري تي ديوار چين جو دورو ڪيو،جتي سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ سندس مداحن جو وڏو انگ موجود هو.

ديوار چين جي سينٽرل اسپاٽ ميگا فائيٽ جي حوالي سان دنيا جي مختلف ملڪن جي نمائندگي ڪندڙ باڪسرن جو وزن ڪيو ويو.

ان موقعي تي مائڪ ٽائسن چيو ته کيس ديوار چين کي ڏسي تمام گهڻي خوشِي ٿي آهي،جنهن کي هو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي.

مائيڪ ٽائيسن کي ان موقعي تي هڪ سوينيئر پيش ڪيو ويو،جنهن کي هٿن ۾ کڻي هن خوشي جو اظهار ڪندي فوٽو سيشن ۾شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*