انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي پهرين ڪواليفائنگ فائنل ميچ ۾ رائل چيلنجرز بينگور جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد گجرات لائنز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

IPL-

انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي پهرين ڪواليفائنگ فائنل ميچ ۾ رائل چيلنجرز بينگور جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد گجرات لائنز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

ڀارتي شهر بنگلور ۾ کيڏي ويل اهم ميچ ۾گجرات لائنز جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورس ۾ 158رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ڊيوائن سمٿ 73۽ڊنيش ڪارٿڪ 26رنز اسڪور ڪيون.

رائل چيلنجرز بينگلور جي ٽيم پاران شين واٽسن 4،اقبال عبدالله ۽ڪرس جارڊن ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

رائل چيلنجرز بينگلور جي ٽيم مخالف ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 159رنز جو ٽارگيٽ 18 ڏهائي 2 اوورس ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ ايب ڊي ويليئرز 79رنز جي اننگ کيڏي ٽآپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته اقبال عبدالله 33رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

گجرات لائنز پاران ڪلڪرني 4۽ رويندره جديجه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*