ويسٽ انديز ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽآر بيٽسمين ڪرس گيل جو چوڻ آهي ته هو ايترو خوبصورت آهي، جو سندس مٿان ڪيتريون ئي ڇوڪريون مرنديون آهن

gyal

ويسٽ انديز ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽآر بيٽسمين ڪرس گيل جو چوڻ آهي ته هو ايترو خوبصورت آهي، جو سندس مٿان ڪيتريون ئي ڇوڪريون مرنديون آهن.

هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪرس گيل چيو ته ڪرڪيٽ جي ڊڪشنري ۾ ڪرس گيل جو مطلب آهي،خوبصورت،جنهن تي ڇوڪريون فدا ٿينديون آهن.

ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي زودار اسٽروڪس سبب بالرز کي پريشان ڪندڙ ڪرس گيل چيو ته هو حسن جو ديوتا آهي.

هن دنيا کي حيرت ۾ وجهندي چيو ته هو نه پر ڇوڪريون سندس مٿان مرنديون آهن، ڇاڪاڻ جو هو وڏو خوبصورت آهي.

واضح رهي ته آسٽريليا ۾ بگ بيش جي هڪ ميچ دوران ڪرس گيل هڪ عورت اسپورٽس رپورٽر کي چيو ته تنهنجون اکيون تمام گهڻيون خوبصورت آهي،سندس اهڙي تعريف تي پاڻ کي هيرو سمجهندڙ ڪرس گيل مٿان ڏيڍ لک جرماڻو ادا ڪرڻو پيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*