قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيمپ جي ٻئي مرحلي لاءِ رانديگرن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

pak-team

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيمپ جي ٻئي مرحلي لاءِ رانديگرن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو،سليڪشن ڪميٽي هيڊ ڪوچ سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد رانديگرن جو اعلان ڪندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنس بهتر بڻائڻ لاءِ ڪاڪول ۾ جاري بوٽ ڪيمپ پڄاڻي واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

ڪيمپ 27 مئي تي ختم ٿيندي،پر سليڪشن ڪميٽي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ڪيمپ ۾ شامل 35رانديگرن مان 21 کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو آهي.

پي سي بي چيئرمين جي منظوري ملڻ بعد چيف سليڪٽر انضمام الحق پريس ڪانفرنس ڪري سگهي ٿو.

هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر اينڊر هفتي پاڪستان پهچندو،جنهن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز لاءِ  انهن 21 رانديگرن مان ٽيم جي  چونڊ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*