پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ٽِيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر سان ٽن سالن جو معاهدو ڪري ورتو

mudsar-nazir

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ٽِيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر سان ٽن سالن جو معاهدو ڪري ورتو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر پي سي بي سان ٽن سالن جومعاهدو ڪيو آهي.

مدثر نذر ٽن سالن تائين نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي هيڊ ڪوچ جو زميواريون سنڀاليندو.

پي سي بي مدثر نذر کي هر مهيني 10 لک روپيه پگهار ڏيندو.

مدثر نذر ان کان پهرين دبئي ۾ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪوچنگ جو زميواريون نڀائي رهيوهو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مدثر نذر کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ هيڊ ڪوچ مقرره ڪرڻ بعد بابت گريجوئيشن جي شرط به ختم ڪئي آهي، ڇاڪاڻ جو مدثر نذر گريجوئيٽ ٿيل نه آهي.

واضح رهي ته هڪ طرف پي سي بي چيئرمين ڪرڪيٽ ٽيم جي تباهي جو سبب رانديگرن جو گهٽ تعليم يافته هجڻ قرار ڏنو آهي ته ٻئي طرف هيڊ ڪوچ اهڙي ڪرڪيٽر کي مقرر ڪيو آهي،جنهن جي گريجوئيشن به ٿيل نه آهي، کيس مقرر ڪرڻ لاءِ گريجويئشن جي شرط ختم ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*