تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، نوشڪي ۾ امريڪي ڊرون حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت

imran-khan-

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، نوشڪي ۾ امريڪي ڊرون حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حملا امريڪا ڪري ٿو، پلاند پاڪستان کان ورتو ويندو آهي، نوشڪي ۾ ڊرون حملو نواز حڪومت جي وڏي ناڪامي آهي.

بٽگرام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته ڊرون حملن سان ڪا به جنگ نٿي کٽي سگهجي، جڏهن به امريڪا ڊرون حملا ڪيا آهن، ان جو رد عمل پاڪستان ۾ نظر آيو آهي.

هن چيو ته حڪمرانن جي بيانن ۾ تضاد نظر اچي رهيو آهي، ڪو به ملڪ ڪنهن دوست ملڪ جي سرزمين تي حملو نٿو ڪري سگهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته حملا آمريڪا ڪري رهيو آهي ۽ افغان طالبان پلاند وري پاڪستان کان وٺندا آهن، ڊرون حملن سان امن عمل متاثر ٿي سگهي ٿو.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته نواز شريف جو مقصد رڳو اقتدار ۾ رهڻ آهي، نوشڪي ۾ امريڪي ڊرون حملو نواز حڪومت جي وڏي ناڪامي آهي.

پاناما ليڪس بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ان معاملي تي ڪنهن نواز شريف جي حمايت ڪئي ته سمجهيو ويندو ته اهو وڪامجي ويو يا ڊڄي ويو آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*