ميان نوازشريف سان نه آصف زرداري ملاقات ڪندو نه بلاول ڀٽو زرداري:راجا پرويز اشرف

raja-parviz-ashraf

 اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته وزيراعظم ميان نوازشريف سان نه آصف زرداري ملاقات ڪندو نه بلاول ڀٽو زرداري، ڇاڪاڻ ته مفاهمتي پاليسي پارٽي کي اڳ ئي نقصان رسايو آهي، هاڻ وڌيڪ نقصان برداشت نه ڪيو ويندو.

راجا پرويز اشرف سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ملڪ ۽ قوم جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته پ پ جي حڪومتي دور ۾ قلندر جي درگاهه تي بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هئي پر هاڻي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي، نواز سرڪار سيوهڻ ۾ لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي ڪري سگهي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ ڪيئن ختم ڪندي؟

 هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ معمول موجب ملاقات ٿي آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ڪڏهن به وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات نه ڪندا.

راجا پرويز اشرف چيو ته مفاهمتي پاليسي تحت اڳ ۾ ئي پ پ کي نقصان رسيو آهي، هاڻ وڌيڪ نقصان برداشت نه ڪيو ويندو.

ان موقعي تي اڳوڻو ايم اين اي نواب عبدالغني ٽالپر به ساڻس گڏ هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*