وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي:مراد علي شاهه

murad-ali-shah

سنڌ جي ناڻي واري وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ جي ڪارڪردگي کي ڪڏهن به ناهي ساراهيو، سدائين ان صوبي جو مثال ڏنو ويندو آهي، جِتي ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فوج گهرائي ويندي هجي.

ڪراچي ۾ چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار گذريل سال ترقياتي ڪمن جي مد ۾ مختص 162ارب رپين جي بجيٽ خرچ نه ڪري سگهي آهي.

هن چيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي، 70سيڪڙو گئس سنڌ مان نڪري ٿي، پر ان باوجود صوبي جي اڪثر شهرن ۾ گئس جي کوٽ آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪيترائي ڀيرا وفاق آڏو گئس جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو، پر نوٽيس نه ورتو ويو، جڏهن ته سنڌ کي ايل اين جي گهرج نه آهي.

هن چيو ته وفاق سنڌ جي ڪارڪردگي کي ڪڏهن به ناهي ساراهيو، سدائين ان صوبي جو مثال ڏنو ويندو آهي، جتي ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فوج گهرائي ويندي هجي.

سيد مراد علي شاهه اعتراف ڪيو ته سنڌ سرڪار گذريل سال ترقياتي ڪمن جي مد ۾ مختص 162ارب رپين جي بجيٽ خرچ نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته ايندڙ سال لاءِ مختص ڪيل رقم خرچ ڪئي ويندي.

صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته نوري آباد ۾100 ميگاواٽ بجلي منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واٽربورڊ جي بجلي جا بل به سنڌ سرڪار پيئاريا آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*